مقصودو رند: بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان يوسي لنڊو ۾ سياسي سرگرميون عروج تي پھچي ويون. ان سلسلي ۾ پ پ اميدوارن چيئرمين سائين بخش زرداري، ضلعي ڪائونسلر علي حسن رند، وائيس چيئرمين محمد عثمان راجپوت، محمد يونس بروھي، يوسف راجپوت، محبوب علي رند ۽ علي نواز زرداري مختلف ڳوٺن جمعو جکرو، جعفر لاشاري، محمد علي لاشاري ۽ غلام محمد جکرو جا دورا ڪري ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون. مختلف برادرين جکرا، زرداري، لاشاري، بروھي ۽ ٻين پ پ اميدوارن جي حمايت ڪئي. ان موقعي تي سائين بخش زرداري، علي حسن رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پ پ سمنڊ آھي، جيڪو پ پ مخالفن کي لوڙھي ڇڏيندو، بلدياتي اليڪشن ۾ عوام پ پ کي ئي ووٽ ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close