اسلام آباد :تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي ڊيڊ ليول برقرار آهي، صوبن کي پاڻي فراهمي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب زرعي شعبو متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول تي برقرار رهندي. پاڻي جي ڊيڊ ليول ۾ مسلسل واڌ سبب ٻيا صوبا به پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح هلندڙ مهيني به نه وڌي سگهندي، جنهن ڪري بجلي پئداوار نه وڌڻ ڪري لوڊشيڊنگ ۾ به واڌ جو خدشو آهي. ان سان گڏوگڏ برساتون نه پوڻ سبب ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي سطح خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويندي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ واڌ جو ڪو امڪان ناهي. اڳ ئي صوبا پاڻي جي فراهمي ۾ گهٽتائي کي منهن ڏيئي رهيا آهن ۽ هاڻ وري صوبن کي پاڻي گهٽ فراهم ڪيو ويندو. تربيلا ڊيم بابت روزاني جي رپورٽ موجب تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. هن وقت تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1398 فوٽ تائين برقرار آهي. جڏهن ته ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 66 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جي نيڪالي 65 هزار 800 ڪيوسڪ آهي. جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ ائين ئي برقرار رهي ته پاڻي جي فراهمي ۾ اڃا وڌيڪ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. ان جو زرعي شعبي تي ناڪاري اثر پوڻ جو خدشو آهي ڇو ته تربيلا ڊيم ۾ جون مهيني جي آخري ڏينهن تائين پهريون ڀيرو پاڻي جي سطح نه وڌي سگهندي. ماهرن جو چوڻ آهي ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، برساتون نه پوڻ سبب گرمين ۾ لوڊشيڊنگ سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. گذريل مهيني 17 پئداواري يونٽن مان 10 پيداواري يونٽ ڪم ڪري رهيا هئا جن مان 1084 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close