اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت قبيلائي ضلعن جي بجيٽ ۾ ڪا واڌ نه ڪئي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت قبيلائي ضلعن جي خاص ضرورتن کي ڏسندي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪئي هئي پر موجوده حڪومت رڳو 110 اربن جي بجيٽ رکي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ قبيلائي ضلعن جي ماڻهن لاءِ 131 ارب رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا هئا پر شهباز حڪومت طرفان قبيلائي ضلعن ۾ ترقياتي فنڊن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. بي گهر ماڻهن لاءِ ڪجهه نه رکيو ويو. جڏهن ته اسان جي ڏنل گذريل بجيٽ ۾ به ڪٽوتي ڪئي وئي، ان عمل سان ڏوهارين جي حڪومت جي نااهلي ۽ بدنيتي ظاهر آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close