اسلام آبادپاڪستان

ملڪ جو هاري ۽ آبادگار خوشحال آهي ته ملڪ خوشحال آهي:آصف زرداري

اسلام آباد : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان (ق) ليگ جي وفاقي وزيرن طارق بشير چيما ۽ چوڌري سالڪ حسين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته ڪڻڪ ۾ پاڪستان کي خود ڪفيل بنائڻ منهنجي، پيپلزپارٽي ۽ اتحادي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. جيڪڏهن منهنجي ملڪ جو هاري ۽ آبادگار خوشحال آهي ته ملڪ خوشحال آهي. جڏهن ته طارق بشير چيو ته بجيٽ ۾ هارين لاءِ خاص طور تي رليف ڏنو ويو آهي. چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ هو ته هارين ۽ ٻاهرين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ئي اتحادي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button