راولپنڊي: پاڪستان جي اعليٰ سطح جي ٽرائي سروس ملٽري وفد چين جو دورو ڪيو ۽ چين جي اعليٰ فوجي قيادت سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب اعليٰ سطحي وفد 9 کان 12 جون تائين چين جو دورو ڪيو ۽ چين جي اعليٰ فوجي قيادت سان ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي به ملاقاتون ڪيون. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آ ءِ ايس پي آر ٻڌايو ته 12 جون تي ٿيندڙ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي قيادت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪئي، جڏهن ته چين طرفان وائيس چيئرمين سينٽرل ملٽري ڪميشن جنرل زانگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪ – چين فوجي قيادت جي گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ رابطن ۾ تسلسل سميت تربيت، ٽيڪنالاجي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪ – چين فوجي قيادت جي علائقائي، عالمي سيڪيورٽي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستاني وفد چين جي ٻين سرڪاري کاتن جي سينيئر اختيارين سان به ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ پاڪ چين فوجي قيادت هڪٻئي سان دفاعي سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو دورو پاڪ چين گڏيل فوجي سهڪار ڪميٽي جو حصو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close