ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ويجهو ڳوٺ ابراهيم ننڌو جي رهواسي شريف ننڌو کي مبينا اغوا ڪرڻ خلاف وارثن ڪيريا شاخ بائي پاس روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي منير ننڌو، هوت ننڌو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو ڀا گزريل رات کان گم آهي، اسان پوليس کي نالا پڻ ڏنا آهن، پر پوليس اڃا تائين ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو آهي. هنن چيو ته شريف ننڌو نصير واهه وٽ چانڊين مان شادي ڪئي آهي، جن اسان جي ڀا کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون هيون، جيڪي هاڻ گهر خالي ڪري ويا آهن. اسان کي شڪ آهي ته انهن ئي ڀا کي اغوا ڪري قتل ڪيو آهي. ڌرڻي دوران پوليس پهچي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. جنهن بعد پوليس نصير واهه تي ٽوٻن ذريعي ڳولا شروع ڪرائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close