پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ پولنگون تبديل ڪرڻ خلاف شهدادپور واسين جو ڌرڻو

سانگھڙ: سانگهڙ جي ڊي سي آفيس ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر سانگهڙ اڳيان شھدادپور تعلقي جي يوسي نمبر 71 جي رهواسين محمد حنيف عمراڻي، ساماڻو خان ڏاهري، فداحسين عمراڻي، نواب علي ڏاهري، صدورو جمالي، غلام شبير انڙ، يار محمد جلباڻي، عمريو ڀيل، يار محمد ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلدياتي چونڊن جي پولنگ اسٽيشنن ۾ ڦير ڦار ٿيڻ ۽ منظور نظر پرزائيڊنگ آفيسر ۽ عملو مقرر ڪرڻ خلاف نٽھڻ اس ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. رهواسين چيو ته سنڌ حڪومت بلدياتي اليڪشن ۾ شڪست کي ڏسي بوکلائجي وئي آھي، ان ڪري شھدادپور تعلقي ۾ اسان جي يوسي نمبر 71 سميت سڄي تعلقي ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر سانگهڙ ۽ آر او شھدادپور حڪمرانن جي سياسي ونگار وهندي ڦڏا ۽ قتل عام ڪرائڻ لا قديم زماني کان سال 2018ع تائين ديهن ۾ مقرر پولنگ اسٽيشنن ۾ ڦير ڦار ڪري پولنگون تبديل ڪري وڏي آبادي وارن ڳوٺن مان ختم ڪري ڏورانهن علائقن جي زبون حال اسڪولن ۾ قائم ڪيون ويون آھن، ڪيترين ئي پولنگن تي ڪا به سهولت ناهي، ڊگهي سفر سبب ووٽرن کي سخت ڏکيائي ٿيندي. سياسي جماعت سان واسطو رکندڙ اميدوار جي سئوٽن ۽ مٽن مائٽن کي پرزائيڊنگ آفيسر ۽ عملو مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪا ڌانڌلي جي شروعات آهي. هنن ٻڌايو ته تبديل ڪيل پولنگ اسٽيشنن مان ڪيتريون ئي ماضي ۾ حساس قرار ڏنل آھن، جن تي سنڌ سرڪار، ڊي آر او ۽ آر اوز خوريزي ڪرائڻ چاهين ٿا. هنن چيف جسٽس سنڌ، اليڪشن ڪميشن ۽ وس وارن عملدارن کان گهر ڪئي ته شھدادپور جي سڀني ڳوٺن جون پولينگ اسٽيشنون ميڊيا ٽيمن سان گڏ وزٽ ڪري جائزو وٺي ووٽرن جي تڪليف کي ڏسي ٻيهر بحال ڪيون وڃن ۽ من پسند عملي جون ڊيوٽيون ختم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button