سامارو: سامارو ۾ پي ايس ٽي پاس اميدوارن راڻو مل ميگھواڙ، ساجد کوسو، ثاقب خاصخيلي، غلام فريد هاليپوٽو، رياض خاصخيلي، چيتن ڪولھي، حسن ڀرڳڙي، سائين بخش چانڊيو، ابرھيم شيدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته سامارو جو ٽي اي او ۽ ڊي اي او عمرڪوٽ تعلقي ۾ لاتعداد پي ايس ٽي جون خالي پوسٽون لڪائي رهيا آهن، جيڪو ظلم آهي، سمورين يوسيز ۾ 270 پي ايس ٽي جون پوسٽون خالي پيل آھن، پر 90 سيٽون ظاھر ڪيون ويون آھن، تعلقي ۾ استادن جي کوٽ آھي، پر خالي جايون ظاهر نٿيون ڪيون وڃن. هنن سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته اسان ٽيسٽ پاس اميدوارن کي يوسي وائيز خالي پيل پوسٽن تي آرڊر ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close