ڄامشورو: ڄامشورو ۾ ٽن ھفتن کان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف ٽائون آفيس ڄامشورو آڏو ساجد علي شاهھ، ديدار احمد ڀلائي، حق نواز برھماڻي، اين بي کوسو، جوشيلو سنڌي، ڊاڪٽر سرمد سھارڻ، ساگر عالماڻي، نثار لاکير، منظور مصطفيٰ رانجھاڻي ۽ لاھوتي حبيب الله آمڙو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي شهرين چيو ته ڄامشورو سنڌو ندي ۽ ڪراچي واھه جي ساڄي ڪپ تي آباد آهي، پر شهر ۾ ٽن مهينن کان پاڻي جي ڦڙي لا پريشان آهيون، جڏهن ته ٽائون ايڊمنسٽريٽر جي ڪن تي جون به نٿي. هنن ڊي سي ڄامشورو کان نوٽيس وٺي پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close