پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاھه ۾ روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال خلاف احتجاج

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه جي داخلي روڊ جو مرمتي ڪم ڪرپشن جي ور چڙھي ويو، ھڪ سال اڳ شھر جي مين روڊ جو ڪم اڌ ۾ بند ڪيو ويو ھو، ناقص مٽيريل سان اڌ روڊ تيار ڪري ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪيا ويا ۽ ڪم بند ڪري انجنيئٔر ۽ ٺيڪيدار گم ٿي ويا ھئٔا، جڏهن ته عوامي شڪايتن بعد انڪوائري جي خوف کان ٻين اسڪيمن مان ذريعن موجب 16 ڪروڙ روپيا ملائي ٻيھر پٿر وڇائي ڪم شروع ڪيو ويو آھي، بلدياتي اليڪشن دوران ناقص مٽيريل سان نالي ماتر کوٽائي ڪري ڪم شروع ڪيو ويو آھي.

ڀٽ شاھه جي شھرين ۽ مسافرن رحمدل مگسي، محمد رشيد رند، سيد ھاشم شاھه، سيد عمران علي شاھه، علي شير مگسي، جاويد بوزدار، ظفر اللھ بليدي ۽ ٻين احتجاج بعد ميڊيا سان ڳالھائٔيندي اعلى اختيارين کي ناقص مٽيريل ۽ روڊ ۾ ڪروڙين روپين جي خردبرد جي انڪوائري جو مطالبو ڪيو آھي، شھرين جو چوڻ آھي ھالا روڊ جو ڪم به اڌ ۾ رڪيل آھي، جيڪو سال گذري وڃڻ باوجود مڪمل نه ٿيو آھي. هنن چيو ته اھڙي عمل جو اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺي انڪوائٔري ڪرائڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button