هالا: هالا جي جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر جون 19 سيٽون غيرقانوني طريقي سان نيوسعيدآباد جي اميدوارن کي ڏيڻ خلاف سول سوسائٽي سنڌ ۽ جي ايس ٽي اميدوارن پاران پريس ڪلب هالا آڏو عطاءُ الله ميمڻ، شبير ارباب، عبدالرشيد ڏيٿو، عبدالرحيم ميمڻ، زاهد مڱڻهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته تعلقي هالا جي جونيئر ايليمنٽري اسڪول ٽيچرن جون 19 سيٽون ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ڪروڙين رپيا رشوت وٺي نيوسعيدآباد جي اميدوارن کي وڪرو ڪري ڇڏيون آهن.
هنن چيو ته تعلقه ايجوڪيشن آفيسر شاهنواز شاهه تي مختلف طريقن سان دٻاءُ وجهي ان کان اهو غيرقانوني ڪم ورتو ويو آهي، جيڪو ڪرپشن جي زمري ۾ اچي ٿو، اميدوارن جو چوڻ هو ته اهي 19 سيٽون جيڪي سرينڊر ڪيون ويون آهن، اهي خالص هالا تعلقي جي ڪوڊ ۾ آهن، جيڪي بجيٽ بوڪ ۾ صاف ظاهر آهن، جنهن جو اعتراف تعلقه ايجوڪيشن آفيسر هالا پڻ ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته تعلقي هالا جي جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز جي سمورين خالي پيل سيٽن کا واضع ڪيو وڃي.