
حيدرآباد: حيدرآباد ۾ هوسڙي جي علائقي درگاهه جيوڻ شاهه ڀرسان ڦليلي واهه مان لاش هٿ آيو آهي، اطلاع تي هوسڙي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس ٻڌايو ته ڦليلي واهه مان نامعلوم شخص جو لاش مليو آهي. لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.