
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلمن تي چيو آهي ته نئين دهلي جي “جمهوري چهري” جي حقيقت دنيا جي سامهون آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته سڄو منصوبو انهن کي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي طور تي وڌيڪ پوئتي ڪرڻ جو آهي، ڀارت پنهنجي ظالماڻي ۽ جابراڻي رياستي هٿيار کي ڀارتي مسلمانن خلاف استعمال ڪيو. واضح رهي ته مودي جي فاشسٽ حڪومت گستاخاڻي بيانن خلاف احتجاج ڪندڙ مسلمانن جا گهر ڊاهي ڇڏيا آهن.