
اسلام آباد: قومي صحت بابت وزارت چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 9 هزار 371 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون، پازيٽو ڪرونا ٽيسٽن جي شرح 0 ڏهائي 58 سيڪڙو رهي.
وزارت طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 هزار 371 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 54 ماڻهن جون ٽيسٽون پازيٽو آيون آهن. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن دوران پازيٽو ڪرونا ٽيسٽن جي شرح 0 ڏهائي 58 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪرونا وائرس سبب ڪو به مريض فوت ناهي ٿيو، جڏهن ته 48 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.