اسلام آبادپاڪستان

عوام تيل ۽ چانهن گهٽ استعمال ڪري: احسن اقبال جو مشورو

اسلام آباد: وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جڏهن حڪومت ڇڏينداسين ته ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو هوندو، حڪومت جي سخت فيصلن جو مقصد ملڪي معيشت کي بچائڻ آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان آيل حڪومت کي ڦاسائڻ لاءِ پيٽرول تي سبسڊي ڏني، جڏهن اسان 2018ع ۾ حڪومت ڇڏي هئي ته قرض 1500 ارب رپيا هو ۽ هاڻي قرضن جي ادائگي 4 هزار ارب روپيا آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان عوام دشمن معاهدو تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪيو، ان معاهدي تي حفيظ شيخ صحيح ڪئي، اسان کي پي ٽي آءِ ۽ قومي حڪومت جي خبر ناهي پر پاڪستان جي ناڻي واري وزير ان معاهدي تي صحيح ڪئي آهي ۽ هاڻي موجوده حڪومت کي اڳتي وڌڻو پوندو، جيڪڏهن اسان ان معاهدي تي عملدرآمد نه ڪريون ته ملڪ جي معيشت وڌيڪ خراب ٿيندي.

اتحادي حڪومت جي قيام جو مقصد ملڪي معيشت کي بچائڻ هو ۽ حڪومت جي سخت فيصلن جو مقصد ملڪي معيشت کي بچائڻ آهي. هن چيو ته حڪومت زراعت تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ زراعت جي شعبي کي سبسڊي ڏني آهي ته جيئن جنسون آمدني واپار نه ڪرڻيون پون. هن عوام کي اپيل ڪئي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي عروج تي آهي، جنهن ڪري عوام کاڄرو تيل، چانهن سميت جيڪي شيون آمدني واپار ڪيون پيون وڃن، ان جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻين. هن چيو ته واپاري برادريءَ هر ڏُکيءَ صورتحال ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button