اسلام آبادپاڪستان

ڪاروباري ۽ فني نوعيت جي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ 2 ڪميٽيون قائم

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) فنانس بل 2022ع ۾ ڪاروباري ۽ فني نوعيت جي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ 2 ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن. ايف بي آر طرفان جاري نوٽيفڪيشن مطابق زبير موتي والا ڪميٽيءَ جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته ميمبر ايف بي آر ڪسٽم پاليسي ثريا احمد بٽ ۽ ايف بي آر جا ميمبر لينڊ روينيو آفاق احمد قريشي شريڪ چيئرپرسن هوندو. ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن ۾ ايف پي سي سي آءِ جو صدر عرفان اقبال شيخ، لاهور چيمبر جو صدر نعمان ڪبير، سرحد چيمبر جو حسنين خورشيد، اسلام آباد چيمبر جو صدر شڪيل منير، پاڪستان بزنس ڪائونسل جو سي اي او احسان ملڪ، آمريڪي بزنس ڪائونسل جو صدر سيد انيس احمد، اپٽما جو چيئرمين عبدالرحميم ناصر، پيٽا جو صدر ختم مختار ۽ اوورسيز چيمبر جو سيڪريٽري جنرل عبدالعليم شامل آهن.

ڪميٽيءَ جا ميمبر ان حوالي سان پنهنجون سفارشون 20 جون تائين پيش ڪندا. نوٽيفڪيشن مطابق فني ڪميٽي جو چيئرمين اشفاق تولا جڏهن ته ثريا احمد بٽ ۽ آفاق احمد قريشي شريڪ چيئرپرسن جا فرض سرانجام ڏيندا. ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن ۾ آصف هارون، عبدالقادر ميمڻ، محمد اورنگزيب، سعديه نذير، حبيب فخر الدين، صفي الله ۽ ڪمال حسن شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button