پاڪستانپنجاب

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جون تياريون

لاهور: پنجاب حڪومت پنجاب اسيمبلي جي اسيپڪر پرويز الاهي کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته 17 جولا ءِ تي ضمني اليڪشن ۾ ايم پي ايز جي کٽڻ کانپوءِ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. ذريعن موجب لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف جي صدارت هيٺ پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ مشاورتي اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ ۽ مخالف ڌر پاران بجيٽ روڪڻ جي امڪان بابت قانوني ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آءِ جي پنجاب ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کي اسيمبلي ۾ پيش نه ڪيو ويندو، اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته مخالف ڌر وارا آءِ جي پنجاب ۽ چيف سيڪريٽري کي اسيمبلي ۾ گهرائي انهن جي بيعزتي ڪرڻ چاهين ٿا، هاڻي پوليس جي مورال کي گهٽ ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button