
نندو: نندو لڳ معصوم نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. نندو لڳ ڳوٺ محمد حسن ڪلهوڙو ۾ 11 ورهين جو معصوم نينگر ذڪاالله ولد نور محمد ڪلهوڙو ڀرسان وهندڙ سني گوني واهه ۾ پير ترڪڻ سبب ڪري پيو، جنهن کي ڳوٺاڻن وڏي ڪوشش بعد ٻاهر ڪڍيو ته نينگر فوت ٿي چڪو هو، سندس لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.