پاڪستانسنڌ

دادو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل، هڪ جوابدار گرفتار

دادو: دادو ڀرسان جهلو ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 19 سالن جي شادي شده ناري صفورا ڌي پانڌي چانڊيو قتل ٿي وئي، اطلاع تي ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو. مقتول صفورا جي امڙ عظيمان چانڊيو دانهيو ته سندس ڌي ڀاءَ سان گڏ گهر ٻاهران چوپائي مال لاءِ گاهه ڪرڻ لاءِ نڪتي ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ڌي قتل ٿي وئي آهي، جڏهن ته در محمد چانڊيو ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ دادو شهر جي شهباز ڪالوني ۾ پنهنجي سئوٽ هٿان نينگر نديم پٽ رجب چانڊيو قتل ٿي ويو هو، جنهن جو الزام اسان مٿان مڙهي ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، جنهن جي پلاند ۾ رجب چانڊيو ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ناري کي قتل ڪيو آهي، کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ جو چوڻ آهي ته الزام هيٺ آيل هڪ جوابدار بخشل چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ٻيا جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، ناري جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، رپورٽ اچڻ بعد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون. هن چيو ته وارث ٿاڻي تي ايندا ته واقعي جو ڪيس سندس مرضي موجب داخل ڪيو ويندو. ناري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي اباڻي ڳوٺ دانو چانڊيو کڻائي ويا. جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button