پاڪستانسنڌ

ووٽ ان کي ڏيو، جيڪو عوامي ڪمن ۾ دلچسپي رکندو هجي:پير ولي الله جان سرهندي

چمبڙ: چمبڙ ۾ مذهبي اڳواڻ پير ولي الله جان سرھندي آستانه عاليه نقشبندي ابراھيمي خليلي گلزار خليل سامارو چيو آھي ته ووٽ ان ماڻھو کي ڏيو، جيڪو عوامي ڪمن ۾ ايمانداري سان دلچسپي رکندو ھجي. چمبڙ پريس ڪلب تي صحافين سان ڳالھائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي جماعت مڪاني اليڪشن ۾ رڳو انھن اميدوارن جي حمايت ڪندي، جيڪي غريبن جي حقن لا جاکوڙ ڪندا. آئون تعلقي ماتلي جي يوسي ماڻڪ لغاري جي چيئرمين جي اميدوار اڳوڻي سياستدان عبدالستار سريوال جي پوٽي تيمور خان سريوال جي حمايت ڪريان ٿو. ٽنڊوالھيار ۾ ضيا عباس شاھ جي اميدوارن جي حمايت ڪريان ٿو. سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته چمبڙ پريس ڪلب لا جڳهه ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button