پاڪستانسنڌ

سامارو لڳ ڇت جو گارڊر لڳڻ سبب ڇوڪري فوت

سامارو: سامارو لڳ يوسي ستڙيون جي ديهه 25 هيرل جي ڳوٺ عليم ڏاهري جي رهواسڻ 17 سالن جي ناهيده ڌي محمد يوسف ڏاهري سندس والد يوسف ڏاهري پاران گهر جي ڇت ڊاهڻ دوران ڇت جو مبينا گارڊر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن تعلقي اسپتال آندو، پر هو رستي ۾ فوت ٿي وئي. ڊيوٽي ڊاڪٽر محمد اشرف قائمخاني ڇوڪري جي اڳ ۾ ئي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، اطلاع تي صوفي ٿاڻي جي وڏي منشي ميرخان سولنگي اسپتال پهچي پوسٽ مارٽم لا وارثن تي زور ڀريو، پر وارثن انڪار ڪري ڇڏيو. ناري جي والد محمد يوسف ۽ چاچو فقير محمد ٻين گهرڀاتين پوليس کي ٻڌايو ته ناھيده جو پي محمد يوسف گھر جي ڇت ڊاھي رھيو ھو ته ڇوڪري گھر اندر سامان کڻڻ لاء داخل ٿي ته اتفاق سان مٿس ڇت جو گارڊر ڪري پيو، جنهن سبب ڇوڪري فوت ٿي وئي آھي، اسان ڪا به ڪاروائي ڪرائڻ نٿا چاھيون. پوليس وارثن پاران لکت ۾ ڏيڻ بعد لاش سندن حوالي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button