اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عمران خان پهرين ڏينهن کان ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندو هو، پهرين ڏينهن کان ان ئي روش تي هلي ڪري ملڪي معيشت تباهه ڪئي، انهن معاملن کي حل ڪري رهيا آهيون، بار عوام اڄ به برداشت ڪري رهي آهي، آئنده به ڪرڻو پوندو، حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، مسئلن کي حل ڪندي، وقتي بار برداشت ڪري انهن مسئلن کان جان ڇڏائي سگهبي، هن چيو ته اڳوڻي حڪمران ملڪ جي معيشت خلاف فيصلا ڪيا، معاهدا ڪري پورا نه ڪبا ته ڀوڳڻو پوندو آهي.
احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيب چيئرمين ڪم ڪري گهر وڃي چڪو آهي، هو پنهنجا اثاثا قوم جي سامهون رکي. هن چيو ته ملڪ کي هلائڻو آهي ته نيب کي ختم ڪرڻو پوندو. احتساب جو نام نهاد نظام پنهنجو آخري ساهه کڻي رهيو آهي، صدر پاڪستان پارٽي جو ڪارڪن آهي يا ملڪ جو صدر؟ هن چيو ته قانونسازي تي صدر کل ڏياريندڙ رمارڪس ڏنا آهن، صدر پارليامينٽ کي خط لکيو ته جنهن تي الزام لڳي ان خلاف ثبوت فراهم ڪيا وڃن.