اسلام آبادپاڪستان

عمران حڪومت ختم ڪرڻ ۾آمريڪا ملوث ناهي: آمريڪي سفير جي ترديد

اسلام آباد: پاڪستان ۾ آمريڪا جي نئين سفير ڊونالڊو بلوم چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ختم ڪرڻ ۾آمريڪا ملوث ناهي، پاڪستان سان ٻن طرفن لاڳاپن جي بحالي لاءِ پوري طرح تيار آهيون. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل مهيني پاڪستان ۾ مقرر ٿيل آمريڪي سفير ڊونالڊو بلوم اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تبديل ڪرڻ واري الزام کي رد ڪندي چيو ته اهو واضح آهي ته ڪو به آمريڪي عهديدار اهڙي عمل ۾ ملوث ناهي. ڊونالڊو بلوم چيو ته آمريڪا بابت ناڪاري جذبا ۽ غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستاني معاشري جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهيون ضروري آهن. ان موقعي تي ڊونالڊو بلوم پاڪستاني حڪومت سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز جهڙوڪ سياسي پارٽيون، سول سوسائيٽي ۽ نوجوانن جي سان ڳالهه ٻولهه ذريعي ٻن طرفن لاڳاپن جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي نموني معاملا اڳتي وڌي سگهندا.

آمريڪي سفير پنهنجي ورڪ پلان تي گفتگو ڪندي چيو ته هو سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي اعتراضن ۽ موقف کي غور سان ٻڌندو، سمجهندو ۽ ان تي آمريڪي نظريو ۽ پوزيشن واضح ڪندو، ان سموري گفتگو کي آمريڪا ۾ موجود اختيارين تائين پڻ پهچائيندو. ڊونالڊو بلوم انهن سمورن قدمن جي روشني ۾ ان اميد جو اظهار ڪندي چيو ته تمام جلد پاڪستان ۾ آمريڪي سياحن جي آجيان ڪنداسين. آمريڪي سفير کان سوال ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ آمريڪا افغانستان جي ويجهو ڊرون اڏي تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي؟ ان تي آمريڪي سفير ان سوال جو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button