تهران: پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان اضافي بجلي جي درآمد ذريعي توانائي جي شعبي ۾ ايران سان پنهنجي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ لا پرعزم آهي. ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان سان گڏ تهران ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ايران جي دوري تي اچي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هتي اچي مان گهر اچڻ وانگر محسوس ڪري رهيو آهيان، ايران ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن ۽ اسان انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، مان پاڪستاني عوام طرفان ايران جي ماڻهن کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيان ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته ايران پاڪستان جو اهم پاڙيسري ڀا ملڪ آهي جنهن سان اسان جا مضبوط تاريخي لاڳاپا ۽ رابطا آهن، وزيراعظم پاڪستان ۽ منهنجي پرڏيهي وزير طور ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط رکڻ ترجيح آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close