پاڪستان

مشرف کي واپس اچڻ گهرجي، اڳوڻي حڪومت خلاف ڪا سازش نه ٿي: پاڪ فوج

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پرويز مشرف جي صحت تمام گهڻي خراب آهي، کيس واپس اچڻ گهرجي، اڳوڻي حڪومت خلاف ڪا به پرڏيهي سازش نه ٿي، ڪوڙ جو سهارو وٺي حقيقتن کي تبديل ڪرڻ جو حق ڪنهن کي ناهي. رپورٽ مطابق پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پرويز مشرف جي طبعيت گهڻي خراب آهي، الله پاڪ کيس صحت ڏئي، ليڊر شپ جو موقف آهي ته پرويز مشرف کي واپس اچڻ گهرجي، واپسيءَ جي حوالي سان فيصلو سندس خاندان کي ڪرڻو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پرويز مشرف کي واپس آڻڻ لاءِ ان جي خاندان سان رابطو ڪيو ويو، فيصلو فيملي کي ڪرڻو آهي، پرويز مشرف جي فيملي جي جواب کانپوءِ انتظام ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته جنرل (ر) پرويز مشرف جي صحت جي صورتحال ۾ انسٽيٽيوشن جو ۽ ليڊر شپ جو موقف آهي ته کيس واپس اچڻ گهرجي، ان ئي سلسلي ۾ پرويز مشرف جي فيملي سان رابطو ڪيو ويو، پرويز مشرف جي واپسي جو فيصلو ان جي فيملي ۽ ڊاڪٽرن کي ڪرڻو آهي ته هو ان کي اهڙي ڪنڊيشن ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهن ٿا يا نه؟ ان کانپوءِ ئي ڪي انتظام ڪري سگهجن ٿا، انسٽيٽيوشن محسوس ڪري ٿو ته جنرل مشرف کي جيڪڏهن اسان پاڪستان آڻي سگهون ته آڻڻ گهرجي، ڇو ته ان جي ڪنڊيشن اهڙي آهي.

اڳوڻو صدر پرويز مشرف

سندس چوڻ هو ته هر سال جڏهن بجيٽ پيش ٿيندي آهي ته دفاعي بجيٽ تي بحث شروع ٿي ويندو آهي، دفاعي بجيٽ ٿريٽ پرسيپشن، چيلينجن، مقرري جي نوعيت، وسيلن کي ڏسندي رکي ويندي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت جي وڌندڙ دفاعي بجيٽ پنهنجي سامهون رکو، 2020 کان پاڪستان فوج پنهنجي بجيٽ ۾ ڪا واڌ نه ڪئي، مهانگائي جي شرح سان ڏسون ته دفاعي بجيٽ گهٽ ڪئي وئي، فوج جي بجيٽ جي ڊي پي جي شرح جي لحاظ سان مسلسل هيٺ اچي رهي آهي، اسان 100 ارب رپين جي بجيٽ گهٽ ورتي آهي، اسان يوٽيلٽي بلن جي مد ۾ خرچن کي محدود ڪيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي بچت لاءِ غير ضروري چرپر گهٽ ڪري ڇڏي آهي، ڪانفرنسون آن لائن ڪيون ويون آهن، گذريل سال ڪرونا جي مد ۾ ملندڙ 6 ارب پاڪستاني حڪومت کي واپس ڪيا ويا آهن، فوجي فائونڊيشن کان ساليانو 20 لک کان وڌيڪ مريض صحتياب ٿي رهيا آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه عرصي کان فوج ۽ فوجي قيادت خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فوجي قيادت موجود هئي، واضح طور تي شريڪ ماڻهن کي بريف ڪيو ويو ته ڪنهن به قسم جون شاهديون ناهن، اهڙو ڪجهه نه ٿيو، شريڪ ماڻهن کي تفصيلي انداز ۾ ٻڌايو ويو ته ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button