اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ (ن) ليگ ۽ پي پي پي جي يوسيز ۽ تڪبندين بابت درخواست جي شنوائي دوران سيڪريٽري گهرو وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله شنوائي ڪئي. جنهن دوران وڪيل قاضي عادل دليل ڏيندي چيو ته حڪومت چئي ڇڏيو آهي ته 101 يونين ڪائونسلز هئڻ گهرجن اليڪشن شيڊول اچي چڪو آهي، گذريل ڏينهن نامينيشن فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ آهي.
اليڪشن ڪميشن مطابق پنجاب، حڪومتي نوٽيفڪيشن مطابق 101 يوسيز آهن اليڪشن ڪميشن پهرين جولاءِ تي مڪاني اليڪشن ڪرائڻ جو شيڊول ڏنو آهي، 20 هزار جي هڪ يونين ڪائونسل ٺاهڻ جو گذريل حڪومت به چيو هو، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن جي تناظر ۾ درخواست ڏسندي. عدالت سيڪريٽري گهرو وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.