پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ نوجوان جي اغوا خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص: سنڌڙي تعلقي جي ڳوٺ عارب پنهور جي رهواسي نوجوان الهڏنو پنهور جي اغوا خلاف سندس وارثن ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مير محمد پنهور، غلام علي پنهور، فداحسين، ساجن پنهور ۽ ٻين چيو ته الهڏنو عدالت ۾ 22 A جي درخواست ڏني هئي، الهڏنو تاريخ تي عدالت وڃي رهيو هو ته کيس رستي مان اغوا ڪيو ويو، جنهن سبب هو عدالت پهچي نه سگهيو. هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس اهلڪار قائم الدين عرف صدورو پنهور، سانوڻ پنهور ۽ سندس ساٿين الهڏنو کي اغوا ڪيو آهي، اڳ ۾ پوليس اهلڪار قائم الدين عرف صدورو پنهور نوجوان الهڏنو کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون. هنن چيو ته پوليس اهلڪار اسان جو ڳوٺ ۾ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جي وردي جي زور تي منشيات جو ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ علائقي واسين کي تنگ ڪري روز جهيڙا ڪرائي ٿو. هنن ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اغوا ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button