ڊگھڙي: ڊگهڙي ريلوي اختيارين حددخلثن خلاف آپريشن نقث ڇپرا ۽ ڪئبينون هٽايون. ڊگهڙي شهر ۾ ريلوي لائين تي غيرقانوني ڪمرشل اڏاوتون ھٽائڻ لا لينڊ روينيو انسپيڪٽر نور محمد جي اڳواڻي ايس ايڇ او ريلوي ضمير بلوچ،رينجرز ۽ پوليس جي نفري آپريشن ڪيو، حددخليون هٽائڻ لا شهر جي ٽنڊو جان روڊ کان آپريشن شروع ڪري ٻنهي پاسن کان پيل ڪيبنون، ھوٽلون ۽ ڇپرن سان ٺهيل مختلف ننڍن ننڍن ڪاروباري دڪن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ان موقعي تي متاثر دڪاندارن چيو ته اسان کي ڪوبه نوٽيس جاري نه ڪيو ويو، اوچتو آپريشن شروع ڪري نقصان پهچايو ويو آهي. شهرين چيو ته شهر ۾ ريلوي لائين تي بااثرن جا دڪان ۽ بنگلا ٺهيل آهن، انهن کي ڪير هٿ به نٿو لاهي، رڳو غريبن جو روزگار ختم ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close