شھدادپور: شھدادپور ويجهو رڪن ٻرڙا اسٽاپ ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ فٽو رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب ٽنڊو آدم واسي پورهيت 40 ورهين مير حسن ولد محمد خان لغاري فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جي ڀا علي حسن ٻڌايو ته ڀا موٽرسائيڪلن جي اسپيئر پارٽس جو سامان موٽرسائيڪل تي وڪرو ڪري گذرسفر ڪندو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close