پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رات جي وقت گهوڙن جي ڊوڙ

شھدادپور: شھدادپور جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رات جي وقت گهوڙن جو فيسٽيول ٻرهوڻ روڊ تي منعقد ڪيو ويو. گهوڙن جي شاندار دلچسپ ڊوڙ ناليواري زميندار اسحاق علي وساڻ ۽ عاقل گل وساڻ جي ميزباني ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ناليوارن گھوڙن جي شوقينن، سوارن، سياسي سماجي اڳواڻن، معززن ۽ علائقي واسين وڏي انگ شرڪت ڪئٔي. ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي محمد خان جوڻيجو جي بي تاب، سلام خان زرداري جي يار بادشاهھ ۽ رانديڪو، روشن بهڻ جي شھر سنڌ، عبدالقادر لنڊ، عبدالقادر لنڊ جي ڪنڌار، شھزاد جي لک پتي، شھمير شاھه جي ڪنگ ۽ ٻين شرڪت ڪري ڊوڙ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي گهوڙن جي شوقينن ۽ شريڪ ماڻھن چيو ته هن مهانگائي جي دور ۾ اهڙا پروگرام تفريح مهيا ڪن ٿا. سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رات جي وقت گهوڙن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرائي فقير محمد اسحاق وساڻ ۽ عاقل گل وساڻ نئين تاريخ لکي آهي. ان موقعي تي گهوڙن کي سينگارڻ لاءِ اسٽال لڳايا ويا ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران پڻ ڪئمپ لڳائي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button