پاڪستان

بلاول ڀٽو زرداري جي امام رضا عه جي روضي تي حاضري

اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي گذريل اربع ڏينهن مشهد جو دورو ڪيو ۽ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي تي حاضري ڀري، جتي هن ملڪي سلامتي ۽ جمهوريت جي استحڪام لا دعائون گهريون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشهد جي هوائي اڏي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو استقبال خراسان رضوي صوبي جي گورنر جنرل يعقوب علي نظري ڪيو. پرڏيهي وزير مزار تي حاضري ڀري ۽ مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون ۽ آستانه قدس رضوي جي متولي ۽ معتمد حجت الله والمسلمين احمد مروي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير پرامن گڏيل بقاءَ، سمورن مذهبن جي احترام ۽ انسانيت لاءِ رحمت تي ٻڌل اسلامي تعليم جي حقيقي روح جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران جو دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين لاءِ انتظامن تي حجت الله احمد مروي جا ٿورا مڃيا ۽ ايران ۾ انهن جي داخلا ۽ رهائش جي سهولت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button