پاڪستان

مونس الاهي خلاف ڪيس داخل، ٻه فرنٽ مين گرفتار

لاهور: وفاقي جاچ اداري (ايف آئي اي) مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ مونس الاهي تي ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ۾ مونس الاهي جي ٻن فرنٽ مين نواز ڀٽي ۽ مظهر اقبال کي به نامزد ڪيو ويو آهي، مونس الاهي الائنس شگر مل ۾ شيئر هولڊر آهي، ايف آئي اي ڪارروائي ڪندي نواز ڀٽي ۽ مظهر اقبال ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آئي اي مطابق مونس الاهي انهن ٻنهي جي ذريعي غيرقانوني طور تي ڪروڙين رپين جي خردبرد ڪندو هو. ايف آئي اي چيو ته مونس الاهي جي خلاف جاچ ۾ ٺوس ثبوت مليا آهن، مٿس هنڊي جي ذريعي رقم ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جو الزام آهي، مونس الاهي جي شگر ملز جي حوالي سان 25 ڪروڙ جي ٽرانزيڪشن وارا معاملا مشڪوڪ آهن، اڳوڻي وفاقي وزير جي خلاف گذريل حڪومت کان هي جاچ جاري هئي ۽ هاڻي باقاعدي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي پاسي مونس الاهي ردعمل ڏيندي چيو ته ايف آئي اي جو مقصد مون کي گرفتار ڪرڻ آهي، جن ماڻهن کي پڪڙيو ويو آهي، مان کين سڃاڻان به نٿو، جاچ لاءِ پاڻ ئي ايف آئي اي ۾ پيش ٿي رهيو آهيان، هي ڀلي پنهنجي مرضي ڪن، عمران خان سان گڏ هوندس. ٻئي پاسي مونس الاهي ايف آئي اي مني لانڊرنگ جو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سندس وڪيل چيو ته ڪيس کان اڳ انڪوائري ڪرڻ ضروري آهي ۽ جاچ کان سواءِ ڪيس داخل نٿو ٿي سگهي، ايف آئي اي جو ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي، جنهن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button