پاڪستان

پنجاب جي 685 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ، ڏکڻ پنجاب لاءِ 240 ارب مختص

لاهور: ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي بجيٽ نيٺ ٻن ڏينهن جي دير بعد پيش ٿي وئي. پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جو خاص اجلاس ايوان اقبال ۾ ٿيو. پنجاب جي ناڻي واري وزير اويس لغاري سال 23-2022 جي صوبائي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن جو ڪاٿو 32 کرب 26 ارب رپيا آهي. اويس لغاري چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ صوبي جي آمدني جو ڪاٿو 25 کرب 21 ارب 29 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي، صوبائي اوڳاڙين ۾ 5 کرب 53 ڪروڙ رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن لاءِ 5 کرب 28 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اسٽيمپ ڊيوٽي جي شرح کي هڪ مان وڌائي ٻه سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، مراعت يافته طبقي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو. سندس چوڻ هو ته پگهارن جي ادائيگي لاءِ 4 کرب 35 ارب 87 ڪروڙ، جڏهن ته 3 کرب 12 ارب رپيا پينشن لاءِ رکيا ويا آهن، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. صوبائي وزير چيو ته بجيٽ جو 40 سيڪڙو سوشل سيڪٽر، 24 سيڪڙو انفرا اسٽرڪچر تي لڳايو ويندو، پنجاب ۾ روڊن جي اڏاوت ۽ مرمت لاءِ 35 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سيف سٽي منصوبي جي بحالي ۽ واڌ لاءِ 3 ارب 6 ڪروڙ رپيا، عام ماڻهو کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ 125 ارب 34 ڪروڙ رپيا، زراعت جي شعبي لاءِ مجموعي طور تي 53 ارب 19 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اويس لغاري چيو ته شهرين جي ڀلائي لاءِ 6 ارب رپيا، ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ ڏيڍ ارب رپيا، ڏکڻ پنجاب جي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 240 ارب رپيا، سوشل سيڪٽر لاءِ 272 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ مجموعي طور تي 485 ارب 26 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، تعليم لاءِ اڳوڻي حڪومت جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ رقم رکي وئي آهي. صحت جي سهوليتن لاءِ 125 ارب 34 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته رستن ۽ پلين جي تعمير لاءِ 80 ارب 73 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن، چولستان ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ 84 ڪروڙ روپيا رکيا پيا وڃن. هن چيو ته عورت استادن، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ پوليو ورڪرز کي اسڪوٽيز فراهم ڪيون وينديون. هن ٻڌايو ته پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 685 ارب روپيا رکي وئي آهي. هن ٻڌايو ته پنجاب صحت ڪارڊ جي رٿا جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button