پاڪستان

پنجاب اسيمبلي جي خودمختيار حيثيت ختم،قانون وزارت جي ماتحت

لاهور: پنجاب ۾ آئيني بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي، پنجاب حڪومت اسيمبلي جي آزاد حيثيت به ختم ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب، بجيٽ اجلاس تي آئيني بحران کانپوءِ صوبائي حڪومت پنجاب اسيمبلي جي خودمختيار حيثيت ختم ڪري ڇڏي ۽ پنجاب اسيمبلي کي وزارت قانون جي ماتحت ڪيو ويو آهي. ٻن ڏينهن تائين بجيٽ اجلاس نه ٿي سگهيو ته حڪومت اسپيڪر ۽ سيڪريٽري اسيمبلي جا اختيار محدود ڪري ڇڏيا. پنجاب ڪابينا جي سفارش تي گورنر پنجاب بليغ الرحمان 3 آرڊيننس جاري ڪيا، جنهن هيٺ سرڪاري آفيسرن کي سزا ڏيڻ جا اسپيڪر جا اختيار به ختم ڪيا ويا. گورنر پنجاب اسيمبلي کي قانون کاتي جي ماتحت ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، پنجاب حڪومت پنجاب اسيمبلي کي قانون کاتي جو هڪ خاص ادارو بڻائي ڇڏيو. پنجاب ڪابينا جي سفارش تي گورنر پنجاب سيڪريٽري اسيمبلي جا لامحدود اختيار ختم ڪري گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو اختيار سيڪريٽري قانون کي ڏيڻ جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو. آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد سيڪريٽري قانون احمد رضا سرور سيڪريٽري اسيمبلي جا اختيار سنڀالي ورتا ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي ايوان اقبال پهچڻ جي هدايت ڪئي، جتي پنجاب جي بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ حڪمران ڌر جو اجلاس ٿيو. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ٻنهي پارٽين جي پارلياماني پارٽين جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرڊيننس کي رد ڪندي ضروري قانونسازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو ته پنجاب اسيمبلي خودمختيار ادارو آهي، ان کي ڪنهن کاتي جي سيڪريٽري جي ماتحت نٿا ڪري سگهون. هوڏانهن پنجاب اسيمبلي ن ليگ جي صوبائي گھرو وزير عطا تارڙ خلاف اختيارن واري رٿ گڏيل طور منظور ڪري ورتي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي صدارت هيٺ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر ڊاڪـٽر ياسمين راشد ايوان ۾ صوبائي گھرو وزير عطا تارڙ خلاف اختيارن واري رٿ جمع ڪرائي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته عطا تارڙ بجيٽ جي ڏينهن جنهن قسم جا نازيبا اشارا ڪيا، اهي عورتن لاءِ قبولڻ جوڳا ناهن، اڻ چونڊيل ميمبر ڪنهن صورت ايوان ۾ نٿو اچي سگھي، هن بيهودا اشارا ڪري عورتن جي توهين ڪئي. اسيمبلي ميمبر مومنه وحيد چيو ته عطا تارڙ فحش اشارن ذريعي ايوان جو تقدس پائمال ڪيو، ايوان ۾ اهڙي قانونسازي ٿيڻ گھرجي جو ٻيهر هو هيڏانهن جو رخ نه ڪري سگھي. پنجاب اسيمبلي حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس خلاف ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو، اسيمبلي جي خودمختياري ختم ڪرڻ واري آرڊيننس خلاف ٺهراءُ راجا بشارت پيش ڪيو.پرويز الاهي چيو ته آرڊيننس ذريعي جيڪو ڪچرو اڇلايو ويو، اسيمبلي ان خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button