پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ ويڳي ڀا گوليون هڻي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي سبحان الله ڪالوني واري علائقي ۾ ويڳي ڀا طالب ٻي شادي ڪرڻ تان پنھنجي ڀيڻ 35 سالن جي ظھران کوسو کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. جڏهن ته اطلاع تي پوليس مقتولا جي لاش کي بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو، جنهن بعد مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. اسپتال ۾ موجود مقتولا جي ڀيڻ صغران ٻڌايو ته منھنجي ڀيڻ کي ويڳي ڀا طالب کوسو ٻي شادي ڪرڻ تان گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي. ھوڏانھن ايس ايڇ او ڪوٽڙي موجب ھڪ ڄڻي عامر کوسو کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button