ميهڙ: ميهڙ شھر جي دائود مهيسر محلي ۾ گهرو مسئلي تان جوابدار عابد چانڊيو ڀائيٽي خالد چانڊيو سان گڏجي پنهنجي زال رشيده چانڊيو تي تشدد ڪري مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو، جنهن کي وارث فوري طور تي علاج لا تعلقي اسپتال ميهڙ آندو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري زخمي عورت رشيده چانڊيو 4 ڪلاڪن تائين تڙپندي رهي، جنهن خلاف زخمي عورت جي وارث جاويد چانڊيو احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار عابد چانڊيو پنهنجي ڀائيٽي سان گڏجي پنهنجي زال رشيده چانڊيو مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو آهي، اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي آهي، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، جڏهن ته ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري زخمي عورت تڙپي رهي آهي. هن اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close