اسلام آبادپاڪستان

30 سالن تائين ملڪ لٽيندڙن کي آمريڪا سازش تحت مڙهيو ويو: عمران خان

راولپنڊي: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 30 سالن تائين ملڪ لٽيندڙن کي آمريڪا سازش تحت مڙهيو ۽ سازشي حڪومت ٻن مهينن ۾ ئي ملڪ جو حال بُرو ڪري ڇڏيو. راولپنڊي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيئن اسان تي شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي وئي، ائين ته مشرف دور ۾ لڳايل مارشل لا دوران به نه ٿيو، راڻا ثناءُ الله جي چوڻ تي پوليس بدترين شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي، عورتن، ٻارن ۽ پيرسن ماڻهن کي به نه بخشيو ويو. هن چيو ته اسان 25 مارچ تي پرامن احتجاجي مارچ لاءِ نڪتا هئاسين، اسان جي تياري نه هئي پر هن ڀيري سڏ ڏيندس ته مڪمل تياري سان نڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته 3 سال مهانگائي جي نالي تي مارچ ڪندڙن ٻن مهينن ۾ مهانگائيءَ سان عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، پاڪستان سريلنڪا جي رستي تي هلي پيو آهي، اسان سڀني سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا پر ڪنهن جي غلامي نه ڪنداسين.

عمران خان چيو ته اينٽي ڪرپشن جو عمران رضا فيصل آباد ۾ جاچ ڪري رهيو هو، چڱو ڀلو هو، اڄ خبر پڙهي ته هن آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته طاقت ور مافيا ۾ ڪو سرڪاري آفيسر هٿ نه وجهي، ايف آءِ اي ۽ نيب وارن کي ڊيڄاريو ويو آهي ته پوئتي هٽي وڃو ته جيئن انهن جا سمورا ڪيس معاف ٿي وڃن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ايف آءِ اي، نيب، اينٽي ڪرپشن سڀ ڊڄندا پر هڪ ادارو عدليا بچي ويندو، ماضي ۾ ڏٺو آهي ته جيڪڏهن عدالت نواز شريف خلاف فيصلو ڪندي آهي ته سپريم ڪورٽ تي به حملو ٿي ويندو آهي ۽ يا وري ارشد ملڪ جهڙيون ٽيپون نڪري اينديون آهن، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ٽيپ نڪري ايندي آهي، انهن کي جتي به خطرو هوندو اٽيڪ ڪندا، ڊيڄاريندا، ڌمڪائيندا، پئسو به ڏيندا، اهو ملڪ جو سڀ کان وڏو الميو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button