پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ تعليم کاتي جي زيادتين خلاف اميدوارن جو مظاهرو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ جي يوسي رورل جي پي ايس ٽي اُميدوارن لياقت علي بجير، آنند ڪمار، هوتچند سوٽهڙ، منٺار بجير، جگمال ميگهواڙ، ممتاز بجير ۽ ٻين تعليم کاتي جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. اُميدوارن چيو ته يونين ڪائونسل اسلام ڪوٽ رورل ھارڊ ايريا ۾ ته شامل نه ٿي سگھي آهي، پر يوسي جون 10 پي ايس ٽي جون پوسٽون ڀرواري يونين ڪائونسل ۾ شفٽ ڪيون ويون آھن، جيڪا وڏي زيادتي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪميٽي جي جانبداري جو ھڪ ثبوت آھي، تعليم کاتي جي ايڇ آر جي ويب سائٽ تي يوسي اسلام ڪوٽ جون ڪل 27 پوسٽون ظاھر ٿيل آھن، جنھن ۾ 7 اميدوار آفر آرڊر حاصل ڪري سگھيا آهن ۽ باقي پوسٽون ظاھر نه ڪيون ويون آهن، جڏھن ته ڀر واري يوسي سونل ٻهھ جون آفيشل ويب سائٽ تي پرائمري جون پنج پوسٽون ھيون، پر 15 اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آھن، مڊل اسڪول ميهاري بجير ۽ مڊل اسڪول جوڳي مڙهي جون سيڪنڊري سائٽ جون 10 پوسٽون شفٽ ڪيون ويون آھن، ھتي ڪابه مڊل پرائمري اسڪول موجود نه آھي، ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمنٽ ڪميٽي شڪايت ڪندڙن کي ڪو به مناسب جواب نه ڏئي سگھي آھي، اھڙي ردوبدل يقينن ڪنھن مداخلت بعد ئي ضلعي سطحي جي ڪميٽي پاران ڪئي وئي آھي، جنھن سان ڄاڻايل يوسي جي اميدوارن جي وڏي حق تلفي ٿي آھي، جنھن جو نوٽيس وٺڻ تمام ضروري آھي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته يوسي اسلامڪوٽ رورل ۾ چار مڊل اسڪول آھن، جنهن جون ٽوٽل 20 پوسٽون هيون، جنهن مان صرف 2 پوسٽن تي مقرري ٿي آھي، باقي پوسٽون گم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پهرين پي ايس ٽي يوسي جي بنياد تي هئي ۽ هاڻي تعلقي سطح تي ڪئي وئي آھي، اها يوسي جي اميدوارن سان سراسر ناانصافي آھي، جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته اسان ٽي اي او سيڪنڊري جي آفيس جي اڳيان ڌرڻو هڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button