پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ پوليس خلاف فوتي عورت جي وارثن جو احتجاج

ٿرڙي محبت: هفتو اڳ ڳوٺ ڪنڊيور ۾ مبينا خودڪشي ڪندڙ ٻن ٻارڙن جي ماءُ بشيران جانوري جي وارثن پيءُ محرم جانوري، ڀا برڪت جانوري، ڀيڻ وزيران ۽ سندن ڀاڄائي پروين ٿرڙي محبت پوليس خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته فوتي عورت بشيران جانوري کي مڙس مور جانوري دماغي توازن ٺيڪ نه هئڻ ڪري طلاق ڏني هئي، جڏهن ته بشيران ڪمري جو در بند ڪري چاقو سان سيني تي ڌڪ هڻي خودڪشي ڪئي آهي، پر ٿرڙي محبت جي ايس ايڇ او اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ رشوت طلب ڪري رهيو آهي، پوليس گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه پئي ڏي، جنهن ڪري فاقاڪشي تي مجبور آهيون. هنن آ جي، ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي دادو کان تدارڪ جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button