مٺي: مٺي ۾ پي ٽي آ ۽ جي ڊي اي پاران مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين ۽ پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪرڻ خلاف ڊي آر او آفيس آڏو ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو ۽ چونڊون فوج ۽ رينجرز جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو. ان ڏس ۾ اڳوڻي ضلع ناظم ارباب انور جبار، بئريسٽر ارباب ظفر الله، ارباب عنايت الله، وڪيل لجپت سوراڻي، فقير سلطان راڄڙ، محمد خان لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اميدوارن ۽ ڪارڪنن ڊي آر او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ مڪاني چونڊن لا مقرر ڪيل ڊي آر او ۽ آر اوز پ پ جا ونگاري آھن، جيڪي پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪري ووٽرن کي دربدر ڪري رهيا آھن، ڊي آر او ۽ آر اوز جون آفيسون پ پ جون سياسي ڪئمپون آھن، جنهن سبب مڪاني چونڊون شفاف ٿي نه سگهنديون. هنن وڌيڪ چيو ته پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪري اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق جون ڌڄيون اڏايون ويون آهن ۽ مخالف اميدوارن کي پوليس معرفت دٻايو ۽ هيسايو پيو وڃي، جنهن ڪري ٿر ضلع ۾ گهرو ويڙهھ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي. هنن چيو ته ٿر ۾ خونريزي جو خطرو آھي شفاف چونڊ لا فوج ۽ رينجرز مقرر ڪئي وڃي نه ته چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. اڳوڻي ضلع ناظم ارباب انور جبار وڌيڪ ڳالهائيندي چتا ڏنو ته ونگاري ڊي آر او ۽ آر اوز جي زيادتين جو نوٽيس وٺي تبديل ڪيل پراڻيون پولنگون واپس بحال نه ڪيون ويون ۽ ڌانڌلين جو نوٽيس وٺڻ سميت اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته 24 جون تي ضلع جي سمورن آر او اوز آفيسن ۽ ڊي آر او آفيس آڏو ڌرڻا هڻي گهيرا ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close