پاڪستانسنڌ

ڳاڙھو لڳ تيز هوائن سبب سمنڊ ۾ چاڙھه، ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خطرو

ڳاڙھو: تيز هوائن سبب سمنڊ ۾ پاڻي جو چاڙھه، ڳاڙھو لڳ سم نالي جو پاڻي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ داخل، حفاظتي بند ڪمزور ھئڻ سبب ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خطرو، خبر موجب ڳاڙهو ويجهو ڳوٺ آدم واڍو، رکيو واڍو، ابراهيم واڍو ۽ قاسم خاصخيلي ۾ تيز هوائن سبب سمنڊ جو پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو. حفاظتي بند ڪمزور هئڻ سبب ڪٿان به بند کي گهارو پوڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن اسماعيل واڍو، آمين واڍو، نور علي واڍو، ستار، قاسم خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان ڪافي ڀيرا ڊرينيج کاتي وارن کي درخواستون ڪيون آهن.

اهي صرف ڏسي هليا ٿا وڃن. جنهن سبب اسان مجبور ٿي پوليو جو پڻ بائيڪاٽ ڪيو آهي. جنهن کانپو تپيدار ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم اسان وٽ اچي وعدو ڪري ويا ته اسان توهان کي بند جي مرمت ڪرائي ٿا ڏيون پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. اسان جي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري شهرن ڏانهن هليا ويا آهن، هاڻي اسان کي سمنڊ جو پاڻي رهڻ نٿو ڏئي، اسان مجبور ٿي ويا آهيون. هنن اپيل ڪئي ته اسان جي ڳوٺ جي بند جو مرمتي ڪم جلد ڪرائي ڳوٺاڻن کي سامونڊي خطري کان محفوظ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button