اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ خلاف پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ٻڌائڻ جو سنگل بئنچ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس بابت انٽرا ڪورٽ اپيل تي شنوائي ڪئي. عدالت 4 صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم نامو جاري ڪندي پي ٽي آءِ جي اپيل جزوي طور تي منظور ڪري ورتي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پهرين اپريل 2022 جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل هدايتن سان گڏ اڪلائي ڇڏي. عدالتي حڪم نامي ۾ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها ٻين جماعتن خلاف رڪيل ڪارروائي کي جلد کان جلد مڪمل ڪري.عدالت تحريري فيصلي ۾ لکيو ته اليڪشن ڪميشن تي شڪ جي گنجائش ناهي ته سڀني جماعتن سان هڪ جهڙو ورتاءُ ٿيندو. فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن سڀني جماعتن جا ڪيس مناسب وقت ۾ اڪلائيندي. ياد رهي ته پابندي پيل فنڊنگ ڪيس کي اڳ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان فارن فنڊنگ ڪيس چيو ويندو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close