پاڪستانسنڌ

چوهڙ جمالي جي ڊرائيورن جو تيل جون قيمتون وڌائڻ خلاف ڌرڻو

چوهڙ جمالي: چوهڙ جمالي جي ڊرائيورن تيل جون قيمتون ٽيو ڀيرو وڌڻ خلاف چوهڙ-سجاول رود بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو. ڊرائيورن گل زنگيجو، اصغر ولاسيو، ممتاز اوٺو، محمد علي پالاري، پپو سنجراڻي، الطاف شاھه، ابو ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تيل جون قيمتون ٽيون ڀيرو وڌڻ خلاف چوهڙجمالي-سجاول روڊ شاهبندر چوڪ تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جنهن جي ڪري ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهي ويون.

ان موقعي تي ڊرائيور اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته تيل جون قيمتون ٽيون ڀيرو وڌائي اسان غريبن مٿان حڪومت وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، تيل وڌڻ سبب هر شي مهانگي ٿيندي پئي وڃي، غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، هاڻي ته غريب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. هنن مطالبو ڪيو ته تيل جي وڌندڙ قيمتن تي ڪنٽرول ڪري غريب ماڻھو کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button