اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ جي پيدا ڪيل ڏکيائين سبب پيٽرول مهانگو ڪرڻو پيو:وفاقي وزير

اسلام آباد :چاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته چئن ورهين جي برائي وک وک تي رنڊڪ بڻيل آهي ڇو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اهڙيون ڏکيائيون پيدا ڪيو آهن جو ڪالهه رات ٽيون ڀيرو پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻي پئي. اسلام آباد ۾ قمر زمان ڪائرا ۽ مولانا اسعد محمود سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته تھ پي ٽي آءِ جي پيدا ڪيل ڏکيائين سبب ٽيون ڀيرو پيٽرول مهانگو ڪرڻو پيو. قوم جون عادتون مٽائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، معيشت کنڊر جي حالت ۾ ملي، اسان لاءِ مشڪل هو ته چونڊون ڪرايون يا معيشت کي بچايون. هن چيو ته آءِ ايف ايف جون شرطون پي ٽي آءِ حڪومت طئي ڪيون، انهن شرطن کي پورو ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو نه هو، عمران خان پنهنجي حڪومتي دور جي ڪا به ڳالهه نٿو ڪري، چئن ورهن جي برائي وک وک تي رنڊڪ بڻيل آهي. بچاءُ واري وزير چيو ته دنيا ۾ ڪٿي ته مارڪيٽون رات جو هڪ وڳي تائين کليل ناهن هونديون، سڄي دنيا ۾ 6 وڳي تائين مارڪيٽون بند ٿي وينديون آهن، مارڪيٽون تڪڙيون بند ٿينديون ته بجلي جي بچت سبب تيل جي بچت ٿي سگهي ٿي، اسان جا واپاري اڃا ان تجويز کي هن وڌيڪ چيو ته تيل ۽ گئس سبب عام ماڻهو تي ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن، پيٽ ڀريو طبقو شايد هو سوچي به نٿو سگهي. خواجا آصف چيو ته ان سموري صورتحال جي ذميواري اسان کڻنداسين ته مهانگائي گهٽ ٿئي ۽ عام ماڻهو جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي اچي ۽ اهو ضرور ٿيندو. جيڪڏهن روس يوڪرين جنگ بند ٿئي ته تيل جا اگهه گهٽجي ويندا، اسان عالمي سياسي جي ڪراس فائر ۾ اچي ويا آهيون. هن چيو ته اسان ايٽمي قوت آهيون ۽ شايد ايٽمي قوت کي اسان کي بچائي رهي آهي. منصوبابندي واري وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته عمران خان کي منفي سياست سان ادارن کي نشانو بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين.هن چيو ته تباهه ٿيل معيشت کي بحال ڪري سگهجي ٿو پر جيڪڏهن ادارا تباهه ٿي وڃن ته رياست به انهن ادارن سان گڏ ويهي رهندي آهي.مڃڻ لاءِ تيار ناهن، هٿ ٻڌي اپيل ڪريون ٿا ته بچت ۽ سادگي ڏانهن وڃو، هاڻي سادگي اسان جي ڪلچر جو حصو ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button