اسلام آبادپاڪستان

رياست جبري گمشدگين ۾ ملوث آهي،روز ماڻهو کنڀيا پيا وڃن:اسلام آباد ها ڪورٽ

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مدثر نارو گمشدگي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي معاملو وفاقي حڪومت ۽ سموري سياسي قيادت لاءِ ترجيح هجڻ گهرجي ها. اها ڳالهه درست آهي ته رياست جبري گمشدگين ۾ ملوث آهي. جبري گمشدگين جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏيون؟ يا وري ٻڌائي ڇڏيو ته هتي رياست اندر رياست قائم ٿيل آهي. ڪالهه چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ مدثر نارو ۽ ٻين گم ٿيل شهرين جي بازياب نه ٿيڻ خلاف درخواستن تي شنوائي جي سلسلي ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو. ان دوران چيف جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪيو ته عدالت پنهنجي گذريل آرڊر ۾ ڇا لکيو اهو پڙهي ٻڌايو، اِن آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو هو ته مسنگ پرسنز کي بازياب ڪري پيش ڪيو وڃي، اهي ڪٿي آهن؟ چيف جسٽس جي سوال تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جاچ ايجنسيز به ڪوشش ڪن پيون. ان تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت کي ڪميٽين ۾ نه ڦاسايو، اهو ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي عمل ٿيو يا نه؟ وفاقي حڪومت جو ايڪشن ڪٿي آهي؟ اڃا به روز ماڻهو کنڀيا پيا آهن، پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي. وفاقي حڪومت کي پرويز مشرف ۽ ان بعد سمورن وزيراعظمن کي نوٽيسز جاري ڪري حڪم ڏنو ويو هو ته اهي نوٽيسز ۽ حلفي بيان ڪٿي آهن؟ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي اهم ترين معاملو آهي ۽ ان ۾ رياست جو اهو رويو آهي. ڇا وفاقي حڪومت جي جوڙيل ڪميٽيز جا اجلاس ٿيا آهن؟ عدالت حڪم ڏنو هو ته حڪم تي عمل نه ٿيندو ته هاڻوڪو ۽ اڳوڻو گهرو وزير پيش ٿيندو. گهرو وزير ڪٿي آهي؟ ڇا اهو عدالتي حڪمن تي عمل ٿي رهيو آهي؟ ڇا اهو سٺو لڳندو ته چيف ايگزيڪٽو کي سمن جاري ڪريون؟ عدالت جو چوڻ هو ته سڀ حڪومتون آئين ۽ پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن، هي معاملو وفاقي حڪومت ۽ سموري سياسي قيادت جي ترجيحن ۾ شامل هئڻ گهرجي ها. ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ايندڙ شنوائي تي عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو ته مسنگ پرسنز جي بازيابي لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا نه هئڻ برابر آهي. پوليس، آءِ بي ۽ آرمد فورسز جي ايجنسيز تي پڻ الزام مڙهيا ويندا آهن. جيترا به ڪيس آهن، ان مان ڪو هڪ ئي ٻڌايو ته کيس نه کنڀيو آهي؟ عدالت چيو ته بچاءُ وارو وزير ڪنهن جي ماتحت آهي، يا وزيراعظم چئي ته هو بيوس آهي. جيڪڏهن وزيراعظم بيوس ناهي ته آئين کيس ذميوار قرار ڏئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button