پاڪستانسنڌ

ٽنڊوڄام ۾ ڊي جي ريسرچ خلاف سائنسدانن طرفان آفيس جو گهيرا

ٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي تحقيقي اداري جي سائنسدانن پاران ڊي جي نور محمد بلوچ مٿان ڀتا خوري جا الزام، ڊي جي ريسرچ نور محمد بلوچ جي آفيس جو گهيرو، خبر موجب سنڌ زرعي تحقيقي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ خلاف زرعي سائنسدانن عبدالحفيظ ٻٻر، بهرام خان ٻرڙو، رسول بخش ڪلهوڙو ۽ ٻين پاران سندس آفيس جو گهيرا ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڊي جي نور محمد بلوچ صوبائي وزير زراعت جي نالي تي هر سيڪشن آفيسر کان رشوت ٿو وٺي، جنهن سبب اداري ۾ ڪم نٿو ٿئي، جڏهن ته عورت آفيسر جي اداري اندر عزت نه پئي ڪئي وڃي. هنن چيو ته ڊي جي نور محمد بلوچ هر سيڪشن مان ڀتو وصول ڪري اداري جي ساک خراب پيو ڪري، ڊي جي نور محمد بلوچ سبب اداري اندر ڪنهن به قسم جو تحقيقي ڪم نه پيو ٿئي، ڊائريڪٽر جنرل پاڻ گوسڙو آهي، جيڪو خود دير ڪري اچي ٿو، باقي اداري جو ملازم يا آفيسر ٿوري دير ٿو ڪري ته مٿان کيس ايڪسپلينيشن جاري پيو ڪري ۽ انهن ماڻهن کي آفيس گهرائي کيس تذليل ڪري ٿو، جيڪو سچ ڳالهائي ۽ پنهنجا حق گهري ٿو ان خلاف هو انتقامي ڪارروايون ڪري ٿو. عورت اڳواڻ الزام هڻندي چيو آهي ته مون کي هڪ ڏينهن اندر ڊي او پاور مليا ته ٻئي ڏينهن کيس ڪرسي ملڻ جي صورت ۾ 80 هزار گهريا ويا هئا، ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ اداري جي عورتن کي بليڪ ميل ڪري ٿو، اداري جي ساک خراب ڪرڻ ۾ ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ ملوث آهي. احتجاج ڪندڙن ڊي جي آفيس ٻاهران گهيرو ڪرڻ بعد نور محمد بلوچ ٻاهر نه نڪري سگهيو. احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊائريڪٽر جنرل کي هٽائي اداري جي ڪارڪردگيءَ ۽ ساک بهتر بڻائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button