پاڪستانسنڌ

ٽنڊو مٺا خان ۾ پ پ آفيس جو افتتاح، زبردست ريلي

چوٽياريون: ٽنڊو مٺا خان ۾ ايم اين اي نويد ڏيرو پ پ آفيس جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن بعد پ پ ايم اين اي نويد ڏيرو، ضلعي صدر علي حسن ھنڱورجو، سيد ممتاز شاهھ ۽ سيد غلام حيدر شاهھ جي اڳواڻي ۾ سوين جيالن ۽ اڳواڻن لڪياري هائوس تائين ريلي ڪڍي، جتي منعقد ڪيل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ايم اين اي نويد ڏيرو ۽ ضلعي صدر علي حسن ھنڱورجو چيو ته مخالفن جو سج لهي ويو آھي، ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، هاڻ اڳ جيان کٽي وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرائينداسين. هنن وڌيڪ چيو ته مخالفن جي سياست هميشه چور دروازي واري رهي آھي، سانگهڙ ضلعو هاڻ پ پ جو قلعو بڻجي ويو آھي. هنن چيو ته گذريل اليڪشن ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ 73 مان 43 سيٽون کٽيون هيون، پر هاڻ 60 سيٽون کٽي وري پ پ جو جيالو چيئرمين آڻينداسين. هنن چيو ته ٽنڊو مٺا خان جي عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسي پڪ ٿي وئي آھي ته ٽائون ڪميٽي ٽنڊو مٺا خان تي پ پ جا نامزد ڪيل نوجوان اميدوار مدد شاهھ لڪياري ۽ محرم راڄڙ 26 جون تي ڪامياب ٿيندا ۽ ڪاميابي ماڻي عوام جي بهتر نموني خدمت ڪندا. ان موقعي تي جهانگير جوڻيجو، معشوق چانڊيو، علائوالدين جوڻيجو ۽ غلام حيدر شاهھ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر مولابخش لغاري ۽ ذڪريا لغاري فنڪشنل ليگ کي الوداع ڪري پ پ ۾ شموليت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button