پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ مشهور لوڪ فنڪارا سائرا سومرو مبينا طور اغوا

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ مشهور لوڪ فنڪارا سائرا سومرو مبينا طور اغوا ٿي ويئي، اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام، وارثن احتجاج جو چتاءُ ڏيئي ڇڏيو، خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ شهر جي سومرا پاڙي ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ اسپتال وڃڻ دوران مشهور لوڪ فنڪاره سائرا سومرو کي روڊ تان نامعلوم هٿياربند مبينا طور اغوا ڪري پنهنجي گاڏي ۾ کڻي فرار ٿي ويا.

جنهن واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڪرڻ ۽ بي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابه ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي، فنڪارا جي پي آمون سومرو ۽ ٻين چيو ته سائرا سومرو کي نامعلوم هٿياربندن زبردستي اسپتال وڃڻ دوران اغوا ڪيو آهي، هُو بيمار هئي، جنهن جي ڪري سندس حياتي کي خطرو آهي، کيس ڪنهن اغوا ڪيو آهي ان بابت پوليس وٽ فرياد ڪرڻ باوجود پوليس ڪابه ڪارروائي ڪري نه سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نياڻي کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button