حيدرآباد: پاڪستان عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد پاران ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جي 8 ورسي ۽ واقعي جي جوابدارن کي سزا نه اچڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سيد ڪامران پرويز، علامه عرفان چشتي، خالد راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ماڊل ٽائون واقعي کي 8 سال گذرڻ باوجود جوابدارن کي سزا نه اچي سگهي آهي. هنن چيو ته ماڊل ٽائون واقعي جو اصل جوابدار راڻا ثناءُ الله خان آهي. جيڪو هن وقت وفاقي وزير بڻيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي جوابدارن کي گرفتار ڪري شهيدن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.