پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ جبري گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لا مظاهرو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ سنڌ سڄاڳي فورم، جقسم ۽ وائيس آف مسنگ پرسن جي سڏ تي جبري گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ تاج جويو، پروفيسر امداد چانڊيو، شاهنواز سنڌي، سارنگ جويو ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته سنڌ ۾ گذريل وڏي عرصي کان سنڌ ۾ جبري گم شدگين جو سلسلو جاري آهي.

قومي ڪارڪنن کي پرامن جدوجهد جي پاداش ۾ سالن جا سال کڻي گم ڪيو وڃي ٿو گهڻن جا لاش ملي رهيا آهن گهڻ جو ڪو به پتو نه آهي.گم شده ڪارڪنن جون مائريون ڀينرون پنهنجي پيارن جو رستو تڪندي تڪندي رهجي وڃن ٿيون. هنن انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته جبري گمشده قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button